اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين چيو آهي ته وزيراعظم ع??ران خان جو جلسو عوام جو جلسو آهي، عمران خان پاڪستان جو محسن آهي، جنهن ملڪ جي آزاد پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکيو، پاڪستان جي عوام ع??ران خان جي جلسي جي لاءِ گهرن مان نڪري. اها ڳالهه هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي امر بالمعروف جلسي جي حوالي سان پنهنجي خصوصي وڊيو پيغام ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ پاڪستان بابت چيو ويندو هو ته هتي ??ئس?? سان هر ڪنهن کي خريد ڪري سگهجي ٿو، اڄ اهو پاڪستان عمران خان جي ڪري ڪنڌ کڻي بيٺل آهي. هن چيو ته بهادر قوم کي بهادر ليڊر جي ضرورت هوندي آهي، عمران خان اهو ليڊر آهي جيڪو ڪڏهن عوام جو ڪنڌ جهڪڻ نه ڏيندو. چوڌري ف??اد حسين چيو ته عمران خان پاڪستان جي معيشت ۽ انڊ??ٽر?? کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو. هن پاڪستان جي عوام بشمول عورتن، ٻارن ۽ جوانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اهي پريڊ گرائونڊ اسلام آباد پهچن ۽ وزيراعظم ع??ران خان جو امر بالمعروف جلسي کي تاريخي خطاب ٻڌن.