اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ف??دوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم جو واعدو آهي ته غريبن کي ڇت فراهم ڪرڻي آهي، صنعت جڏهن هلندي آهي ته غريب جو چلهو ٻرندو آهي، عدالت ۾ ڪڏهن به ڏوهاري جي خواهش موجب ٽرائل ناهي ٿيندو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ قوم سان خيانت ڪئي ??ئي جنهن تي قانوني ڪارروائي ??يندي، عوام جي پئسي تي لڳندڙ ڌاڙي ??و حساب ورتو ويندو، قانون سڀني جي لاءِ هڪ جهڙو آهي ان جي اسان کي جدوجهد جاري رکڻي آهي، احتساب هن قوم جي ۽ وقت جي ضرورت آهي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن پاڪ چائنا سينٽر اسلام آباد ۾ سمارٽ ايڪسپو آف فيوچر ڊولپمينٽ هولڊنگ جي افتتاحي تقريب ۽ صحافين کي خطاب ڪندي ڪيو.