اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ ڪورونا جي وبائي مرض سبب پيد?? ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمن مختلف تج??يزون پيش ڪيون.