لاهور / اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مڪڙن جي خاتمي لاءِ پنجاب حڪومت جي ٺوس حڪمت عملي ۽ ق??من تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته مڪڙن جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ته جيئن آبادگارن جي قيمتي فصلن کي ان قدرتي آفت کان تحفظ فراهم ڪري سگهجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ??نجاب ۾ مڪڙن جي خاتمي جي حوالي ??ان قدمن تي اعليٰ سطحي بريفنگ دوران ڪيو. پي ڊي ايم اي جي ڊائريڪٽر جنرل مڪڙن جي حملي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا جي مدد ??ان کنيل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سڄي صوبي ۾ مڪڙن جي حملي کي جديد مشينري جي اس??عمال ۽ ٺوس حڪمت عملي ??ان وڏي حد تائين روڪيو ويو آهي.