اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پهرين والاريل ڪشمير تي غير قانوني قبضو ڪرڻ جي ڀارتي ڪوشش ۽ هاڻي 25 هزار هندستاني شهرين کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ سميت والاريل وادي ۾ آبادي جو تناسب بدلائڻ جا سمورا ڀارتي حربا سراسر غير قانوني ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي منافي آهن. پن??نجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون ان معاملي تي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان رابطو ڪيو آهي ۽ آئون ٻين عالمي اڳواڻن سان به ڳاله??ئي رهيو آهيان. ان ناقابل قبول رخ ۾ ڀارت جي اڳڀر??ئي روڪڻ ضروري آهي، ان سان ڪشمير واسين جي قانوني ۽ عالمي طور تي ضمان?? ٿيل حقن تي وڌيڪ را??اه?? لڳندو. ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي کي وڌيڪ نقصان پهچي سگهي ٿو.