اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته کنڊ ۽ اٽي جي معاملي جي ا??ڪو??ئري وزيراعظم جي حڪم تي شروع ٿي، هن پاڪ??تا?? جي عوام کان حقيقتون نه لڪائڻ جو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، قوم جي صحت جي پئسن تي هٿ صاف ڪندڙن جي پنهنجي صحت بهترين آهي. خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ شاهد خاقان عباسي جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ۾ چيو ته هن وقت قومي اتحاد کي چڪنا چور ڪندڙ پاڪ??تا?? جي عوام جو دوست نه ٿو ٿي سگهي، مخالف ڌر اڳواڻ ۽ شاهد خاقان عباسي ??نهنجي ڪرونا زده سوچ جو اظهار وائرس جي خلاف جنگ دوران نه ڪن ته بهتر ٿيندو.