اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران کان هڪ وفاقي وزير جي ذريعي حڪومت ختم ڪرڻ جي ڌمڪي جي الزام جي مذمت ڪندي ان جي سختي سان ترديد ڪئي آهي، ??طلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ وزيراعظم جي احتساب ۽ گهرو معاملن واري صلاحڪار شهزاد اڪبر گڏيل ڪانفرنس ۾ چيو ته سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ ۾ هڪ راند کيڏي پئي وڃي، ??نهن جو سڌو سنئون فائدو اسان جي دش??ن ملڪ هندستان کي پهچي رهيو آهي، ??يڪڏهن سنڌ جي آءِ جي کي اغوا ڪيو ويو آهي ته هينئر تائين تعزيرات پاڪستان تحت قابل جرم شق جو ڪيس داخل ڇو نه ٿيو آهي، ??نڌ پوليس جي ٽوئيٽ موجب ضابطي تحت ڪيس داخل ۽ گرفتاري ٿي آهي، ٻڌايو وڃي ته سنڌ حڪومت هڪ قابل ضمانت جرم ۾ صفدر اعواڻ جي گرفتاري ڇو ضروري سمجهي، ??هو به ڪوڙ ڳالهايو ويو ته بلاول وزيراعظم سان رابطو نه هئڻ تي آرمي چيف سان رابطو ڪيو، اسان سڀني کي خبر آهي ته توهان ڪمري جي اندر ڇا ڪندا آهيو ۽ ڪمري جي ٻاهر نڪري ڪهڙي جمهوريت جا چيمپئين ٺهي ويندا آهيو، سياسي ٺڳن جي پارٽي (ن) ليگ وارن پنهنجي دورن ۾ ماڊل ٽ??ئو?? جي معصوم عورتن تي فائرنگ ڪئي، ??ينظير جون تصويرون هيليڪاپٽر ذريعي ٻاهر اڇلايون، ن ليگ اهڙين حرڪتن جي خالق آهي، ??هي ماڻهو پنهنجي ٿوري ذاتي مفادن، ڪرپشن جي ڪيسن ۽ صحت جي نالي تي ڀڳل پنهنجي اڳواڻن کي بچائڻ لاءِ جمهوريت ۽ پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا.