اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبل?? فراز مزار قائد جي معام??ي تي هٿياربند فوج ۾ خود احتسابي عمل کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت ان فيصلي جو قدر ڪري ٿي، ??يڪڏهن سنڌ پوليس وقت سر ايف آءِ آر داخل ڪري ها ته معاملو ايترو ڏکيو نه ٿئي ها، هاڻي سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها ٻڌائي ته ان دوران جن پوليس آفيسرن بغاوت ڪئي انهن جي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي آهي، ??نڌ ۾ به قانون جي بالادستي نظر اچڻ گهرجي. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبل?? فراز وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ دوران پاڪ فوج جي ڪورٽ آف انڪوائري جي رپورٽ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هٿياربند فوج هڪ منظم ادارو آهي، مزار قائد جي معام??ي تي پاڪ فوج جي اندر خود احتسابي عمل حرڪت ۾ آيو آهي جنهن کانپوءِ ٻن آفيسرن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي.