اسلام آباد – 03 –; ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا جي ٻي لهر شدت اختيار ڪري چڪي آهي، پازيٽو ڪيسن ۾ اضافو ٿي ره??و آهي، وزيراعظم عمران خان ڪورونا جي پهرين لهر ۾ عوام جي زندگين ۽ روزگار کي مٿانهون رکندي ڪامياب حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن کي دنيا ساراهيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته حڪومت ٻي لهر مان نڪرڻ ??اءِ وڌيڪ موثر قدم کڻي ره?? آهي.