اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ پهريون ڀيرو ”سينٽرلائزڊ ??يٽ?? ڪوليڪشن“ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، پاڪستان جي عوام کي رليف جي فراهمي، پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي اولين ترجيح آهي، زميني حقيقتن موجب جامع ??يٽ?? هر زندگي جي شعبي بابت فيصلاسازي ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي. هو پاڪستان جي ڳڻپ واري اداري جي دوري جي موقعي تي بريفنگ دوران خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. وفاقي وزير کي ڳڻپ واري ڊويزن جي عملدارن پاران ضروري شين جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن بابت بريفنگ ڏني، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته هر وزارت جو پنهنجو ??يٽ?? گڏ ڪرڻ جو نظام هجڻ گهرجي، سينٽرلائزڊ ??يٽ?? سان ڳنڍيل هجي، جامع ??يٽ?? سان ضروري شين جي گهرج، پهچ، پيداوار، ذخيري، آمدني واپار ۽ روانگي واپار جي هدفن جو پتو پئجي سگهندو، بار ڪوڊنگ سان اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ به مدد م??ند??. هن چيو ته جامع ??يٽ?? حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالوجيڪل، افرادي قوت سميت هر طريقيڪار جو استعمال ڪيو وڃي. جامع ??يٽ??، انتظامي معاملن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو آهي.