وانا – 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چورن جو ٽولو جيترو مرضي بليڪ ميل ڪري کين اين آر او نه ملندو، ??لڪ تي جيڪڏهن چورن ۽ ڦورئن جي حڪمراني هجي ته اهو ترقي نٿو ڪري سگهي، ڏکڻ وزيرستان ۾ پنج هزار ڪينال تي نالج سٽي ۽ سمورن رهواسين کي هيلٿ انشورنس جي سهولت ڏئي رهيا آهيون، ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽرز جي زمين جي نشاندهي چڱن مڙسن جي مشاورت سان ڪئي ويندي، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي خصوصي هدايت ڪئي آهي ته اڳوڻي قبائلي علائقن جي فنڊز ۾ ڪابه ڪٽوتي نه ڪري، اڳوڻي فاٽا، ڏکڻ بلوچستان سميت پوئتي پي?? علائقن جي ترقي اسان جي ترجيح آهي. ڏکڻ وزيرستان جي علائقي مولاخان سراءِ ۾ چڱن مڙسن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مديني جي ??يا??ت جو بنياد قانون جي بالادستي ۽ انصاف جو نظام هو، اڄ به مديني جي ??يا??ت جا اصول رول ماڊل آهن، هن چيو ته ڇ?? مديني جي ??يا??ت هڪدم وجود ۾ اچي وئي هئي، مديني جي ??يا??ت ۾ غريب طبقي کي مٿي آندو ويو ۽ فلاحي ??يا??ت جو بنياد وڌو ويو هو، اڄ به جديد دنيا جا اصول مديني جي ??يا??ت جي ماڊل تي قائم آهن، اسان به ??لڪ ۾ اسلامي فلاحي ??يا??ت جي قيام لاءِ ڪوشان آهيون،