اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئون ??خالفن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان ڌانڌلي ناهيون ڪندا، نيوٽرل ايمپائر وسيلي کٽڻ وارو آهيان، اسان وڏي مشڪل وقت مان نڪري آيا آهيون، هاڻي بهترين وقت اچي رهيو آهي، مخا??ف اقتصادي واڌ جي شرح تي حيران آهن، صنعتي زونز جي قيام سان ملڪي روانگي اوپار ۾ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن رشڪئي ترجيحي خصوصي اڪنامڪ زون جي ڪمرشل لانچ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ نه رڳو خيبرپختونخوا پر پاڪستان لاءِ به خوش آئنده ڏينهن آهي، صنعت سازي کانسواءِ دولت جي پيداوار ۾ اضافو نه آهي، رشڪئي اڪنامڪ زون سي پيڪ جو حصو آهي، وزيراعظم چيو ته چين دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ آهي، مغرب جي صنعتي ترقي پراڻي ڳالهه آهي، اسان کي چين جي صنعتي ترقي مان سکڻ جي ضرورت آهي، هن خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته زون جون زمينون ??ڪرو نه ڪيون ??ڃن پر ليز تي صنعتڪارن کي ڏنيون ??ڃن ته جيئن صنعتون ??ائم ٿين، بجاءِ ان جي ته زمينن جو خريد ۽ وڪرو ٿئي ۽ ليز به گهٽ رکو ته جيئن صنعتڪار هتي صنعتون ??ائم ڪري سگهن، وزيراعظم چيو ته هتي اهڙيون صنعتون ??ڳنديون جنهن سان روانگي واپار وڌي. وزيراعظم چيو ته جيستائين اسان روانگي واپار نه وڌائينداسين ته دولت جي پيداوار ۾ اضافو نه ٿيندو، رڳو اناج ۽ گله وڪرو ڪري اسان ترقي نٿا ڪري سگهون، چين جهڙي طرح صنعت کي ترقي ڏني ۽ روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ اڪنامڪ زون ??اهيا اسان کي به ٺاهڻا پوندا، بدقسمتي سان ماضي ۾ روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان نه ڏنو ويو ۽ پاڪستان کي سيڙپڪار دوست ملڪ نه بڻايو ويو. رشڪئي اڪنامڪ زون جي قيام سان روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو هن وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته سيڙپڪارن جي لاءِ آسانيون ??يدا ڪري، ون ??نڊو آپريشن هجڻ گهرجي، حڪومت جو ڪم سيڙپڪارن جي لاءِ آسانيون ??يدا ڪرڻ آهي، وزيراعظم چيو ته چين جون صنعتون ??اڻي اهڙن ملڪن ۾ منتقل ٿي رهيون آهن جتي لاڳت گهٽ ايندي آهي، اسان چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان آڻڻ جا خواهشمند آهيون. اسان ٻاهرين ملڪ پنهنجي سيڙپڪارن کي به ترغيب ڏينداسين جيڪي بنگلاديش، دبئي، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ ??يڪ??ريون ??ڳائيندا آهن ته هتي ڇو نٿا لڳائين.