اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پ?? پي) وز??را??ظم عمران خان کي يورپي ڪائونسل جي صدر چارلس ميچل ٽيليفون ڪيو ۽ ساڻس افعانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وز??را??ظم افغنستان سان سفارتي ۽ عالمي ادارن جي عملي ۽ ٻين ماڻهن جي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجا??ر ڪيو. يورپي ڪائونسل جي صدر نڪرڻ لاءِ لنگهه جي فراهمي ۽ ميزباني تي وز??را??ظم جو ٿورو ادا ڪيو، وز??را??ظم پاڪستان جي موقف جي وضاحت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي، وز??را??ظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان جي سڀني ماڻهن جي حقن جي تحفظ سان گڏوگڏ انهن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هڪ جامع سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو بهترين رستو آهي، وز??را??ظم عمران خان ان اميد جو اظهار ڪيو ته افغان اڳواڻ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪ?? ڪندا رهندا، وز??را??ظم پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هو مسئلي جي حل لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو، هن چيو ته افغانستان ۾ سلامتي جي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ، امن کي برقرار رکڻ، انساني همدردي جي ڪ??هن به چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ افغان عوام جي معاشي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري آهي، وز??را??ظم عمران خان چيو ته افغانستان جي موجوده صورتحال ۾ عالمي برادري جي مسلسل حمايت جي ضرورت آهي. افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ انساني همدردي جي چئلينجن کان بچڻ ۽ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ انهن جي مدد ڪرڻ اڻٽر آهي. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي حصيدارن سان ويجهي رابطي ۾ رهندو ته جيئن افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏئي سگهجي جنهن سان خطو ۽ ان کان ٻاهر جو علائقو مستفيد ٿيندو. وز??را??ظم ۽ يورپي ڪائونسل جي صدر ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڌريون رابطي ۾ رهن ۽ افغانستان جي صورتحال تي ويجها رابطا رکن، وز??را??ظم عمران خان يورپي ڪائونسل جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي به دعوت ڏني.