اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي چيو آهي ته دنيا جو مستقبل انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سائبر صلاحيتن سان واڳيل آهي، يونيورسٽيون ملڪ جو سائبر دفاع مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سائبر سيڪيورٽي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏين، ملڪ ۾ آءِ ٽي شاگردن جو ا??گ وڌائڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل يوينورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) جي بريفنگ ??وران ڪيو. هن چيو ته ملڪي ترقي ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ يونيورسٽي گريجوئيٽس جو ا??گ وڌائڻو پوندو. ڊاڪٽر عار?? علوي چيو ته يونيورسٽيون آن لائين تعليمي مواد جي ڪاٿي ۾ اضافي ۽ تحقيقي منصوبن ۾ عالم?? يونيورسٽين سان حصيداري قائم ڪن. پرو ريڪٽر نسٽ ايئر وائيس مارشل ڊاڪٽر رضوان رياض صدر ک?? يونيورسٽي بابت بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عار?? علوي کي بريفنگ ??وران ٻڌايو ويو ته نسٽ جي 8 ڪئمپسز ۾ 18 هزار کان وڌيڪ شاگرد تعليم هيٺ آهن. نسٽ انجنيئرنگ، آءِ ٽي، بائيو ۽ سوشل سائنسز ۾ تعليم مهيا ڪري رهي آهي. صدر معياري تعليم جي فراهمي ۾ يونيورسٽي انتظاميا جي ڪردار کي ساراهيو.