اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گم ٿيل صحافي مد??ر نارو جي والدين ۽ معصوم پٽ ملاقات ڪئي، وزيراعظم مد??ر نارو جي والدين کي واقعي با??ت ت??قي??ات ۽ سموري ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي.
وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري، اٽارني جنرل خالد جاويد خان ۽ گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر به موجود هئا. ان سلسلي ۾ وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي وڌيڪ ت??قي??ات ڪري مد??ر نارو جي والدين ۽ پٽ کي تسلي بخش جواب ڏيڻ جي هدايتون جاري ڪيون، مد??ر نارو جي والدين وزيراعظم جي خاطري تي اعتماد جو اظهار ڪيو.