اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي اربن ڊولپمينٽ ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪ?? منصوبو ملڪ جي لاءِ اهم آهن، منصوبن جا هدف مقرر ڪيل مدي ۾ پورا نه ڪندڙ اهلڪار?? جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پنجاب حڪومت انهن منصوب?? جي خلاف التوا واري ڪيس?? جي موثر پيروي ڪري، وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ ??اوي اربن ڊولپمينٽ ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪ?? منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس ٿيو ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته راوي اربن ڊولپمينٽ ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪ?? منصوبا ملڪ جي لاءِ اهم آهن، حڪومت ڪنهن ذاتي م??اد لاءِ نه پر عوامي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم چيو ته اهو منصوبو لاهور ۾ تنگي ۽ آلودگي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، منصوبن جا هدف مقرر وقت ۾ پورا نه ڪندڙ اهلڪار?? جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اسا?? جي حڪومت تعميرات جا تاريخ ساز منصوبا شروع ڪيا، جنه?? جي طرف گذريل 20 سالن ۾ ڪنهن به حڪومت ڌيان نه ڏنو، پارڪس، ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ، صاف توانائي ۽ عالمي معيار انهن منصوبن کي ماحول دوست ٺاهيندو، وزيراعظم هدايت ڪئي ته پنجاب حڪومت انهن منصوب?? جي خلاف التوا واري ڪيس?? جي موثر پيروي ڪري.