اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظ?? عمران خان جي چين جي دوري دوران چين جي مختلف ڪاروباري شخصيتون ۽ وڏن سيڙپڪارن سان ملاقاتون ٿينديون. چين مان ڪيترائي ڪاروباري ۽ صنعتي يونٽس پا??ستان منتقل ٿيندا، ان دوري سان پا?? چين گهرن لاڳاپن جي سگهه ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. اها ڳالهه هن وزيراعظ?? عمران خان جي چين جي دوري جي حوالي سان پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ چئي، چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظ?? عمران خان اڄ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ چين جي اهم دوري تي ر??ان?? ٿي رهيو آهي. پنهنجي چين جي دوري دوران وزيراعظ?? عمران خان چين جي صدر شي چن پنگ سان ملاقات ڪندو. صدر شي چن پنگ ٻن سالن کانپوءِ ڪنهن عالمي اڳواڻ سان ملاقات ڪندو جيڪو وزيراعظ?? عمران خان هوندو. هن چيو ته وزيراعظم جي چين جي دوري جو مقصد ونٽر اولمپڪس ۾ پا??ستان جي نمائندگي ۽ ان جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪري پا??ستان جو خير سگالي جو جذبو پهچائڻ آهي، هن چيو ته ان موقعي تي 20 ٻين ملڪن جا سربراهه به چين ۾ موجود هوندا. وزيراعظم جي چين جي مختلف ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون به ٿينديون. ان دوري کانپوءِ چين مان ڪيترائي ڪاروباري ۽ صنعتي يونٽس پا??ستان منتقل ٿيندا. هن چيو ته وزيراعظ?? عمران خان جي چين جي صدر ۽ وزيراعظم سان به ڌار ڌار ملاقاتن کانسواءِ چين جي وڏن سيڙپڪارن سان ملاقاتون به طئي ??هن، اهو دورو هماليه کان اونچي ۽ بحيره عرب کان گهِري پا?? چين لاڳاپن جي سگهه ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو.