اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏن?? آهي ته اهي ملڪ ۾ گريجوئيٽس ۾ اضافي ۽ آن لائين تعلي?? جي فروغ لاءِ پنهنجي تعليمي نظا?? جي سگهه ۽ موقعن ۾ اضافو ڪن، دنيا جي وڌندڙ ضرورتن تي پورو لهڻ جي لاءِ اعليٰ تعليمي نظام ۾ آن لائين تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سرحد يونيورسٽي آف سائنس اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي پشاور جي 14 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته 2030ع تائين انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ 80 ڪروڙ گريجوئيٽس جي ضرورت هوندي. پاڪستان جي لاءِ سڀني کي تعلي?? جي فراهمي، ترقي لاءِ اهميت رکي ٿي. آن لائين تعليم ان مقصد کي تيزي سان حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو آهي. هن مصنوعي ذهانت ۽ ڪمپيوٽنگ جي صدارتي قدم کي اهم قدم قرار ڏن?? جيڪو ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري ملڪ ۾ تعليم، تحقيق ۽ ڪاروباري نظا?? جي لاءِ انقلابي ثابت ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ نوجوانن جو وڏو انگ آهي جيڪو ملڪ جي لاءِ ترقي جو وڏو ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿو. گريجوئيٽس کي معياري تعليم ۽ جديد مهارتن جي تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته دنيا انساني وسيلن جي ڏس ۾ پاڪستان طرف ڏسي رهي آهي. هن عالمي مارڪيٽ ۾ وڌندڙ ضرورتن جي ڏس ۾ انهن موقعن مان فائدو کڻڻ تي زور ڏن??. وزيراعظم عمران خان جي تازي چين جي دوري کي ترقي جي ڏس ۾ اهم قرار ڏن??. هن چيو ته زراعت، فارماسيوٽيڪل، آٽو موٽو، ٽيڪسٽائيل ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ پاڪستاني شاگردن ۽ پروفيشنلز جي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان مستحڪم ملڪ طور اڀري رهيو آهي جنهن جي مختلف شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن. هن نوجوانن تي زور ڏن?? ته اهي ملڪ ۾ مايوسي جي بيانن تي ڌيان نه ڏين. هن مختلف شعبن ۾ پوزيشن ماڻيندڙ گريجوئيٽس کي مبارڪباد ڏن?? ۽ انهن تي زور ڏن?? ته اهي اخلاقيات، اسلامي روايتن ۽ قومي سڃاڻپ جي اصولن تي عمل ڪندي سخت محنت ڪن.