لاهور – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ شديد ترين معاشي خطرن ۾ گهيريل آهي، ا??ان کي مشڪلاتن جو اندازو آهي ان تي ضابطو آڻڻ حڪومت ۽ ان جي اتحادين جي گڏيل ذميواري آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف عيد جي نماز ادا ڪرڻ ک??نپ??ءِ جاتي امراء ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته گڏجي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته گذريل پوڻا چار سال ۾ ا??ان کي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، شاهد خاقان عباسي، راڻا ثناءُ الله، سعد رفيق، مفتاح اسماعيل، مريم نواز، حمزه شهباز انتقام جو نشانو بڻجندا رهيا، آئون انهن سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته الله جي آڏو دعا آهي ته هي عيد ترقي ۽ خوشحال?? جو پيغام کڻي اچي، مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ا??ان کي الله جي رضا ??ان گڏ سخت محنت ڪرڻي پوندي. شهباز شريف چيو ته ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو ويو آهي جلد ئي قوم کي خطاب ڪندس. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ گلا ڪرڻ جو نه پر ڳلي لڳائڻ جو ڏينهن آهي. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن قوم جي هڪ دل ٿيڻ ۽ گڏجي مسڪرائڻ جو ڏينهن آهي. وزيراعظم شهباز شريف سمورن پاڪستانين ۽ عالم اسلام کي عيد جي دلي مبارڪباد پڻ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنج??ب جي وڏي وزير حمزه شهباز جاتي امراء ۾ عيدالفطر جي نماز ادا ڪئي. وزيراعظم ۽ وڏي وزير پاران عيد جي نماز ک??نپ??ءِ ملڪي سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز عيد جي نماز ک??نپ??ءِ ماڻهن ??ان گلي مليا ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني.