اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف صدر ڊاڪٽر عارف علوي، آزاد ڪشمير جي وزيرا??ظم سردار تنوير الياس، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت سمورين اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ۽ وڏن وزيرن کي ٽي??يف??ن تي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ٽي??يف??ن ڪئي، کيس عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم شهباز شريف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيرا??ظم سردار تنوير الياس کي ٽي??يف??ن ڪئي ۽ اهل ڄمون ۽ ڪشمير کي عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيرا??ظم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي عيد جي نماز جي اجتماعن تي پابندين جي مذمت ڪئي. هن ڪشميرين کي ريفرنڊم ملڻ تائين ڀرپور سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري ??کڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم شهباز شريف ٽي??يف??ن تي سنڌ، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن ۽ بلوچستان جي وقتي گورنر کي پڻ عيد جي مبارڪباد ڏني. هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جي وڏي وزير کي ٽي??يف??ن ڪئي. بلوچستان جي وڏي وزير جي ٻاهرئين ملڪ دوري تي هجڻ جي ڪري وزيرا??ظم جي ساڻس ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي. وزيرا??ظم شهباز شريف سمورين اتحادي پارٽين جي اڳواڻن، وڏن وزيرن کي ٽي??يف??ن تي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي فون ڪئي ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو وزيرا??ظم کي مبارڪباد ڏني ۽ ٽي??يف??ن ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وزيرا??ظم شهباز شريف پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان پڻ ٽي??يف??ن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مولانا فضل الرحمان سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪامياب دورن تي وزيرا??ظم کي مبارڪباد ڏني. وزيرا??ظم جماعت اسلامي جي امير سراج الحق کي ٽي??يف??ن ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني، ٻ??هي اڳواڻن ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيرا??ظم مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، محسن داوڙ، خالد مقبول صديقي، سردار اختر مينگل، علامه ساجد مير ۽ خالد مگسي سان پڻ ٽي??يف??ن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيرا??ظم شهباز شريف محمود خان اچڪزئي، علي نواز شاهه، شاهه زين بگٽي، اسلم ڀوتاڻي، چوڌري سالڪ حسين سان پڻ ٽي??يف??ن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيرا??ظم چوڌري سالڪ حسين کان چوڌري شجاعت حسين جي طبيعت پڇي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.