اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم اڄ بزنس ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو ويزن ڪاروباري برادري آڏو پيش ڪندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندو. بزنس ڪانفرن?? ۾ ??ڄي ملڪ مان ڪاروباري برادري شرڪت ڪري رهي آهي. وزيراعظم ڪاروباري برادري سان بجيٽ تي اهم مشاورت پڻ ڪندو. هن چيو ته زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، توانائي، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، ??ينوفيڪچرنگ، برآمدات ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ڪاروباري شخصيتون ڪانفرن?? ۾ ??رڪت ڪري رهيون آهن. هن چيو ته وزيراعظم ڪانفرنس ۾ ميثاق معيشت جي لاءِ نيشنل ڊائيلاگ جي شروعات ڪندو. وزيراعظم ڪاروباري شخصيتن کان تجويزون وٺندو ۽ پنهنجي حڪومت جي مستقبل جي حڪمت عملي تي اعتماد ۾ وٺندو. هن چيو ته وزيراعظم ڪانفرنس ۾ ملڪ کي درپيش معاشي مسئلن جي حل لاءِ فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم مالي سال 23 – 2022ع جي لاءِ بجيٽ تجويزون پڻ حاصل ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو ويزن هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهڻ آهي جتي معيشت وڌي ويجهي، مستحڪم ۽ پائيدار بنيادن تي ترقي ٿئي، هر پاڪستاني ۽ ملڪ جو هر ط??قو ان ۾ حصيدار هجي، جتي غربت ۽ محرومين جو خاتمو ٿئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم اهڙو پاڪستان ٺاهڻ چاهي ٿو جتي شهرين کي سماجي، سياسي ۽ معاشي حق ميسر هجن، زندگي جي تلخين کان ڇوٽڪارو ملي ۽ انهن کي هڪ بهتر زندگي ملي.