اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ٻوڏ متاثر علائقن جي بگڙجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪ فضائيه کي ٻوڏ جي جارحاڻي مهم ۾ وڌيڪ تيزي پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پاڪ فضائيه جي سربراهه سمورن بيسز کي هدايت ڪئي آهي ته هو مقامي سول عملدارن سان گڏجي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد ڪن. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ پي اي ايف فلڊ رليف ڊونيشن اڪائونٽ قائ?? ڪيو پ??و وڃي. چيف آف دي ايئر اسٽاف جي انساني امداد ۽ قدرتي آفتن بابت امدادي مهم جو مقصد زميني رستو ڪٽجڻ سبب ڏورانهن علائقن ۾ ڦاٿل ٻوڏ متاثرن تائين پهچي کين بروقت امداد فراهم ڪرڻ آهي. پي اي ايف جي سمورن برانچز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ان مهم لاءِ ڀرپور ڪوشش ۽ تعاون فراهم ڪن. امدادي ڪاررواين جي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکڻ لاءِ ايئر هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ هڪ فوڪل پوائنٽ به قائم ڪ??و ويو آهي. اثرائتي انتظامن لاءِ ريجنل ايئر ڪمانڊز تحت 3 رليف زونز قائ?? ڪيا ويا آهن جڏهن ته پي اي ايف ايئر موبلٽي ڪمانڊ جي 25 کان وڌيڪ هيلي ڪاپٽرز ۽ 8 سي-130 جهاز ڏورانهن علائقن ائين فوري رسائي لاءِ استعمال ڪيا ويندا. ان ج??وجهد لاءِ هڪ ايئر سپورٽ برج قائ?? ڪيو پ??و وڃي، جتي بي گهر ماڻهن لاءِ خيما بستيون قائ?? ڪيون پيون وڃن جي کين مفت خوراڪ، رهائش ۽ طبي سهولتون فراه?? ڪيون پيون وڃن. ڊزاسٽر رليف سيل ۾ قائم پي اي ايف هيلپ ڊيسڪ مان ٻوڏ بابت ڪنهن به قسم جي ڄاڻ ۽ امداد لاءِ 9260835-051 ۽ 9262404-051 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.