اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وف??قي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته وزيراعظم پنهنجي ۽ وف??قي ڪابينا جي ميمبرن کان احتساب جو عمل شروع ڪندو، ڪابينا ميمبرن جي سرڪاري خرچ تي ٻاهرئين ملڪ علاج جي سهولت ختم ڪئي وئي آهي، وزيراعظم هائوس ۾ اضافي گاڏين جي نيلامي جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ ۽ حسن نواز، حسين نواز ۽ اسحاق ڊار کي ملڪ واپس آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني دولت کي واپس آڻڻ جي لاءِ وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر جي سربراهي ۾ هڪ ٽاسڪ فورس ٺاهي وئي آهي، وف??قي ڪابينا هالينڊ ۾ گستخانه خاڪن جي ٻيهر ڇپائي جي پرزور مذمت ڪري ٿي، هالينڊ ??ي سفير کي طلب ڪري سخت احتجاج ڪنداسين، او آءِ سي جي فورم تي پڻ ان معاملي کي اٿاريو ويندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وف??قي ڪابينا جي پهرين اجلاس بابت ميڊيا جي نمائندن کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته وف??قي ڪابينا هالينڊ ۾ گستخانا خاڪن جي ٻيهر ڇپائي تي سراپا احتجاج آهي.