اسلام آباد ??? 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذر??ائ??جان جي صدر الهام ع??يو?? جي دعوت تي پنهنجي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي باڪو آذر??ائ??جان پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب باڪو پهچڻ تي آذر??ائ??جان جي اول نائب وزيراعظم يعقوب ايوبوف، نائب پرڏيهي وزير النور مامادوف، پاڪستان ۾ آذر??ائ??جان جي سفير خضر فرهادوف ۽ آذر??ائ??جان ۾ پاڪستان جي سفير بلال حئي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم جو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ آذر??ائ??جان جو هي پهريون دورو آهي. وزيراعظم سڀاڻي (15 جون 2023ع) تي باڪو ۾ آذر??ائ??جان جي قومي قائد حيدر ع??يو?? جي مزار تي ويندو ۽ گلدستو رکندو. وزيراعظم آذر??ائ??جان جي شهيدن جي يادگار جو پڻ دورو ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم جي صدر الهام ع??يو?? سان ملاقات ٿيندي. ملاقات کانپوءِ ٻئي اڳواڻ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ وزيراعظم سان آذر??ائ??جان جي وزيرن جي وفد جي ملاقات پڻ ٿيندي. اي پي پي/ع – ک 22:49