ميانوالي – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماڊل پوليس اسٽيشن پوري پنجاب لاءِ مثال هوندي، اسان کي پنجاب ۾ ٿاڻي ڪلچر کي تبديل ڪرڻو آهي ان ??اءِ آءِ جي پنجاب کي وفاقي حڪومت طرفان ??ر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي، انگريز دور جو نظام تبديل ڪرڻو آهي، ماضي ۾ ٿاڻي ڪچهري کي پنهنجي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪيو ويندو رهيو، اسان ??نجاب پوليس کي خيبرپختونخوا وانگر بڻائينداسين ته جيئن ماڻهو ان تي اعتماد ڪري سگهن، ميانوالي ۾ ماڊل پوليس اسٽيشن ??ي افتتاح جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته ان ??اڊل پوليس اسٽيشن جي قيام تي هو پوليس کاتي کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.