اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظ??ار چيو آهي ته تع??ير??تي صنعت بابت مينوفيڪچرنگ يونٽس ۽ دڪانن کي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، صورتحال جي مسلسل نگراني کي يقيني بڻايو پيو وڃي، هفتي ۾ 2 ڏينهن ڪاروبار بند رهندو جڏهن ته انهن ٻن ڏينهن ۾ به دوائن ۽ ضرورتن جي شين جي دڪانن کي کولڻ جي اجازت هوندي. قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪورونا جي وبا جي ڏس ۾ لاڪ ڊائون کانپوءِ 14 اپريل کان تع??ير??تي صنعت کي جزوي طور تي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته ايندڙ هفتي کان پي وي سي پائيپس، انهن جي مينوفيڪچرنگ يونٽس، سيرامڪس اينڊ سينيٽري ويئرز، ڪيبلز، اسٽيل ۽ ايلومينيم يونٽس ۽ انهن جا دڪان ۽ هارڊ ويئرز جي دڪانن سميت تع??ير??تي صنعت سان لاڳاپيل ٻين شعبن جي دڪانن ۽ مينوفيڪچرنگ يونٽس کي کوليو ويندو.