اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد حسين چ??ڌر?? چيو آهي ته صحافت جي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ ضرورت آهي، سمورن صوبائي اسيمبلين کي يوٽيوب چئلنز شروع ڪرڻ گهرجن، ??رن?? ميڊيا کي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن، عوام جي خوشحالي لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ضروري آهي، نيب حڪومت جي انتظام هيٺ ناهي، پنجاب حڪومت نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ جي جاچ ڪندي، اطلاعات واري وزارت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي ڏسي خوشي ٿي، ميڊيا ٽريننگ ورڪشاپ ۽ ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي ڏسي خوشي ٿي،جن ستن نڪتن تي مون ڪم ڪيو هو هاڻي به اهي هلي ر??يا آهن، هن تجويز پيش ڪئي ته صوبائي اسيمبلين کي يوٽيوب چئنلز شروع ڪرڻ گهرجن، عوام اسيمبلين جي ڪارروائي ۽ قانونسازن جي ڪارڪردگي ڏسي سگهندي، هن چيو ته اسان جمهوريت سان فا??زم جو رستو روڪڻو آهي ته ان ۾ صحافين جو ڪردار اهم آهي.