ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس

image
APP50-220622 ISLAMABAD: June 22 - Federal Minister for Finance and Revenue Miftah Ismail presiding over meeting of the Economic Coordination Committee (ECC) of the Cabinet at Finance Division. APP

اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ڪي اليڪٽرڪ جي لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 0.571 رپيا اضافو، آر ايل اين جي تي هلندڙ پاور پلانٽس کي ادائيگين جي مد ۾ 17 ارب رپيا ۽ وزيراعظم جي مددي پئڪيج تحت اسلام آباد پوليس جي شهيدن جي خاندانن جي معاونت لاءِ 1224.41 ملين رپين جي ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس ۾ ڪيترين ئي وزارتن ۽ ڊويزنن جي لاءِ فني/ ضمني مالياتي گرانٽس جي منظوري پڻ ڏني وئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت ۾ ناڻي واري وزارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث بخش پاشا، وفاقي سيڪريٽرين، ايف بي آر چيئرمين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. توانائي واري وزارت پاران بجلي جي شعبي لاءِ ٽيرف کي معقول بڻائڻ بابت سمري پيش ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيشنل اليڪٽريسٽي پاليسي 2021ع موجب حڪومت ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين سرڪاري ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي صارفين جي لاءِ هڪ جهڙو ٽيرف برقرار رکندي. انهي جي تسلسل ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيرف کي معقول بڻائڻ ضروري آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي ٽن مهينن جي ريڪوري مدي لاءِ ڪي اليڪٽرڪ جي لاءِ في يونٽ 0.571 رپيا اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڌيڪ اهو ته نيپرا آڪٽوبر کان ڊسمبر 2021ع جي ته ماهي جي لاءِ نظرثاني ٿيل ٽيرف شيڊيول جاري ڪندي. اجلاس ۾ پاور ڊويزن پاران حڪومتي ملڪيتي پاور پلانٽس کي ادائيگين بابت سمري پيش ڪئي وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جاري مالي سال جي لاءِ ان ڏس ۾ 17 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. هي فنڊز آر ايل اين جي تي هلندڙ پاور پلانٽس (حويلي بهادر شاهه، بيڪي ۽ بلوڪي) کي ادا ڪيا ويندا ته جيئن انهن پاور پلانٽس کي ڪيش جي مسئلن کي منهن نه ڏيڻو پوي. اجلاس ۾ توانائي واري وزارت (پاور ڊويزن) پاران ڪي اليڪٽرڪ جي ٽه ماهي ٽيرف ايڊجسٽمينٽ ۽ ان جي مالي اثرن بابت هڪ سمري پيش ڪئي وئي. اي سي سي تفصيلي بحث کانپوءِ دستياب 36.94 ارب رپيا بطور ايڊوائيس سبسڊي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اهي فنڊز سي پي اي – جي کي منتقل ٿيندا. اقتصادي رابطا ڪميٽي وزيراعظم جي معاونتي پئڪيج تحت اسلام آباد پوليس جي شهيدن جي خاندانن جي معاونت لاءِ 1224.41 ملين رپين جي ضمني گرانٽ جي منظوري پڻ ڏني. هڪ سال تائين جي عمر جي ٻارن کي بيمارين کان محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ويڪسين جي قومي پروگرام کي سگهه ڏيڻ جي ڏس ۾ اي سي سي اميونائيزيشن بابت وفاقي ڊائريڪٽوريٽ جي لاءِ 6133.31 ملين رپيا فراهم ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني. اقتصادي رابطا ڪميٽي والاريل ڪشمير جي پناهگيرن جي آبادڪاري جي لاءِ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت جي لاءِ 3096.05 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي، اهي فنڊز آزاد ڪشمير کي منتقل ٿيندا. منسٽر انڪليو اسلام آباد ۾ تعمير ۽ مرمت جي لاءِ فنڊز جي فراهمي بابت سمري کي اقتصادي رابطا ڪميٽي رد ڪري ڇڏيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اڳوڻي حڪومت 19 – 2018ع ۾ منسٽر انڪليو ۾ تعمير ۽ مرمت جي ڪمن تي 87.5 ملين رپيا، 20 – 2019ع ۾ 4.8 ملين رپيا ۽ 21 – 2020ع ۾ 50 ملين رپيا خرچ ڪيا آهن. اي سي سي ڪفايت شعاري جي قدمن تحت منسٽر انڪليو ۾ تعمير ۽ مرمت جي لاءِ فنڊز جاري ڪرڻ بابت سمري رد ڪري ڇڏي. اجلاس ۾ گهرو وزارت جي لاءِ 5891.9 ملين رپيا، آءِ پي پيز کي ادائيگي جي لاءِ پاور ڊويزن کي 96.13 ارب رپيا، اين سي او سي جي تشهيري مهم جي لاءِ 40 ملين رپيا، ڪابينا ڊويزن جي لاءِ 125.8 ملين رپيا، پرڏيهي وزارت جي لاءِ 3750 ملين رپيا، آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت جي لاءِ 379 ملين رپيا ۽ پاڪستان ريلوي جي لاءِ 5 ارب رپين جي ضمني ۽ فني ضمني گرانٽس جي پڻ منظوري ڏني وئي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں
سلاٹس پر مفت اسپن کو کیسے متحرک کریں۔_سلاٹ بونس گیمز_علامتیں_آٹو پلے سلاٹ گیمز_فون سلاٹ گیمز کے ذریعے ادائیگی کریں۔ سلاٹ گیمز کے ساتھ کیسینو_آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں۔_عملی پلے سلاٹس_آٹو پلے سلاٹ گیمز_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں بہترین فطرت پر مبنی سلاٹس_سلاٹ مشین ایپس_Novomatic Slot Machines_افسانوی مخلوق سلاٹ مشینیں_سلاٹ مشین کے جائزے اور درجہ بندی پاکستان کے لیے ٹاپ اردو سلاٹ ایپس_آٹو پلے کی خصوصیات کے ساتھ بہترین سلاٹس_سب سے بڑے سلاٹ جیک پاٹس_مائیکرو گیمنگ سلاٹس_ویڈیو سلاٹس پر جیتنے کا طریقہ NetEnt Slot Games_iOS آلات پر سلاٹ گیمز کھیلیں_فوری جیت کے ساتھ سلاٹس_بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین_سلاٹ گیمز اسلام آباد میں مقبول ہیں۔ نیٹلر سلاٹس_پاکستان میں موبائل کے لیے مفت سلاٹ گیمز_پاکستان کے لیے آن لائن سلاٹس_گولیاں کے لیے مفت سلاٹ گیمز_ٹاپ ریٹیڈ سلاٹ ایپس بڑے جیک پاٹس کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_فوری کھیلنے کے اختیارات کے ساتھ سلاٹ گیمز_اردو میں کیسینو سلاٹس_پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ_ٹاپ سلاٹ گیم فورمز ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پلےٹیک سلاٹس_سلاٹ مشین_سلاٹ مشین کی ادائیگیوں کو محفوظ بنائیں_آئی فون پر سلاٹ گیمز ہائی لمیٹ سلاٹ مشینیں۔_سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں۔_فوری جیت سلاٹ مشینیں_کیسینو سلاٹ گیمز فیڈ بیک_ایک سے زیادہ بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس